اشراڪيت سوشلزم نظريو

اشراڪيت/سوشلزم (نظريو): سوشلزم، هڪ اهڙو مڪتبه فڪر يا نظريو آهي، جنھن ۾ ملڪ جي ملڪيت ۾ سڀني جو هڪ جيترو حصو هجي ۽ جيڪو نجي ملڪيت جو مخالف ۽ دولت جي عوامي استعمال جو حامي هجي. سوشلزم ذريعي عالمي سطح تي انساني معاشري يا سماج ۾ انساني برابري، رواداري، امن ۽ استحڪام لاءِ نظرياتي اصول مربوط نموني پيش ڪيا ويا. هي نظريو صنعتي دؤر دوران اُسريو، جنھن ۾ خاص طور فڪري آزادي ۽ بنيادي انساني حقن توڙي غير طبقاتي نظام برپا ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪوششون ورتيون ويون ۽ نظرياتي پيش رفت ذريعي ماڻهن جي فڪري آزاديءَ لاءِ سگهاري انداز ۾ تحريڪ کڙي ڪئي وئي. سوشلزم (سماج واد) جي مفڪرن هن نظرياتي ڌارا جي طُفيل هيٺين ۽ پيڙيل طبقي جي اثرائتي انداز ۾ پٺڀرائي ڪئي. سترهين صدي عيسويءَ کي ’يورپ جي فڪري ۽ خيالي آزادي واري صدي‘ چئجي ٿو. هن صديءَ ۾، يورپ ۾ آزاد خياليءَ جي تحريڪ شروع ٿي، جيڪا صنعتي انقلاب جي نتيجي ۾ حڪومت جي عدم مداخلت جي اصول تان دستبردار ٿي ۽ جمھوري آزاد خياليءَ هيٺ چونڊيل نمائندن جي حڪومت کي قانون سازيءَ ذريعي مداخلت جي حق ڏيڻ تي راضي ٿي، پر انسان جي آزادخياليءَ جي انهي پسپائيءَ اُتي دنگ نه ڪيو، بلڪه فڪر جي هڪ نئين مڪتب کي وجود ۾ آندو، جنھن کي سماجواد يا سوشلزم جو نالو ڏنو ويو. سوشلسٽ يا سماج وادي دانشورن، آزاد خيال جمھوريت پسندن کان اڳتي قدم وڌائي، آگاهه ڪيو ته غربت، بک ۽ بيماريءَ کي ختم ڪرڻ جو آسان طريقو اهو آهي ته آمدني يا پيداوار جا جملي وسيلا (Resources) حڪومت جي هٿ هيٺ آندا وڃن ۽ ڪنھن به فرد کي ذاتي ملڪيت رکڻ جو حق نه ڏنو وڃي. اهڙو فڪر ڏيندڙ يورپ جي تاريخ تي ڳوڙهي نظر رکندڙ عظيم مفڪر ’ڪارل مارڪس (Karl Marx: 1818-1873)‘ هو. جيتوڻيڪ کانئس اڳ اُنهيءَ مڪتبه فڪر جا حامي ٻه عظيم سماج وادي فلاسافر ’چارلس فوريئو‘ ۽ ’رابرٽ اوون‘، ارڙهين صديءَ ۾ ٿي گذريا هئا، جن کي ’يوٽوپين سوشلسٽ‘ چيو وڃي ٿو. سندن خيال هو ته، سندن نظرين تي عمل پيرا ٿيڻ سان انسان هڪ مثالي ۽ بھترين معاشري کي جنم ڏيئي سگهي ٿو. اهڙي تجويز ڪيل معاشري کي ’يوٽوپيا‘ جي نالي سان سڏيائون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو